سيد محمد علي شاهه

سيد محمد علي شاهه

سيد محمد علي شاهه

سيد محمد علي شاهه: مشهور سياستدان ۽ زميندار، سيد محمد علي شاهه ولد خانبهادر سيد الهندو شاهه، مٽياري سيدن جي ميان پوٽي پاڙي مان هو، جيڪي 150 سالن کان ڊڀري/ درٻيلي ۾ رهندڙ هئا. سيد محمد علي شاهه، 1912ع ڌاري درٻيلي ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. سندس والد پنهنجن پٽن- قراري شاهه ۽ محمد علي شاهه- جي تعليم لاءِ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ کي رکيو. سيد محمد علي شاهه بعد ۾ نوشهري فيروز مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ ڇهه درجا انگريزي عثمان علي انصاريءَ جي هٿ هيٺ پڙهيو. شاهه صاحب نهايت ئي ذهين هو، ننڍپڻ کان سياست ڏانهن لاڙو هئس.
1933ع ڌاري سياست جي ميدان ۾ پير پاتائين. هن ئي سال (1933ع) جي. ايم. سيد ۽ ٻين سر شاهنواز ڀُٽي جي ليڊرشپ ۾ هڪ جماعت ’پيپلز پارٽي‘ ٺاهي، جنهن جي پهرين ميٽنگ ۾ 13 جون 1934ع تي مـحـمـد عـلـي شـاهه به شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ 1934ع جي آخر ۾ هن جي. ايم. سيد ۽ ٻين سان گڏجي، سردار نبي بخش ڀُٽي جي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ ميمبريءَ لاءِ نوابشاهه ضلعي ۾ مدد ڪئي. بعد ۾ هو پهرين ضلعي لوڪلبورڊ نوابشاهه جو ميمبر چونڊيو ۽ سنڌ اتحاد پارٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ ان جي ٽڪيٽ تي جنوري 1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت ٺهڻ بعد ’اتحاد پارٽيءَ‘ جي ميمبرن سان مخالفت ۾ ويٺو، 1938ع ۾ سر غلام حسين جي وزارت ڊٺي ۽ الهه بخش سومري جي وزارت ٺهي ته ان جي اوائلي مـددگارن مـان هڪ هو. ليڪن جڏهن ڍلن جي سوال تان اتحـاد پـارٽـيءَ الهه بخش وزارت جو ساٿ ڇڏي ڏنو ته الهه بخش سان دوستانه تعلقات هئڻ ڪري پاڻ وزارت سان گڏ رهيو. ان عرصي ۾ هڪ ڀيرو مسلم ليگ وزارت ٺهي، پوءِ وري 1941ع ۾ الهه بخش وزارت طاقت ۾ آئي. سيپٽمبر 1942ع ۾ الهه بخش سومري، انگريز سرڪار کي خطاب موٽائي ڏنا، ان تان سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو ويو. ان جي جاءِ تي سر غلام حسين وزارت ٺاهي. 14 مئي 1943ع تي الهه بخش سومري جي شهادت ٿي. ان کانپوءِ سيد محمد علي شاهه جي. ايم. سيد سان ملي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ ساڻس گڏ رهندو آيو.
1944ع ۾ صوبائي مسلم ليگ جا جڏهن سر غلام حسين جي وزارت سان اختلاف پيدا ٿيا ته هي جي. ايم. سيد سان گڏ هو. سگهو ئي سر غلام حسين جي وزارت کي اسيمبليءَ ۾ شڪست ملي، اُن تي جناح صاحب ناراض ٿيو. مسلمانن جي پڙهيل طبقي گهر ڪئي ته مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جو حڪم مڃي، سر غلام حسين کي اڳيان آندو وڃي، ان ڪري جي. ايم. سيد وارن کي سر غلام حسين سان ٺاهه ڪرڻو پيو. سر غلام حسين حاجي مولا بخش سومري کي وزارت مان ڪڍي ان جي جاءِ تي پي. ڊبليو. ڊي جو وزير مقرر ڪيو. ان کانپوءِ به مسلم ليگ وزارت ۽ صوبائي مسلم ليگ جي وچ ۾ اختلاف هلندا آيا، ۽ ان دور ۾ وزيرن مان رڳو سيد محمد علي شاهه ئي جي. ايم. سيد وارن سان وفادار رهندو آيو.
1945ع جي آخر ۾ نين چونڊن لاءِ ٽڪيٽن ڏيڻ جو وقت آيو ته مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ وزارت جو طرف وٺي، صوبه سنڌ مسلم ليگ کي سسپينڊ ڪري، ايڊهاڪ مسلم ليگ ڪاميٽي ٺاهي. ان وقت سيد محمد علي شاهه جي ٽڪيٽ رد ڪري، سندس سامهون 110 قلم هيٺ ٻه ڀيرا سزا کاڌل ماڻهوءَ کي ٽڪيٽ ڏني وئي، ان وقت جي نوابشاهه جي ڪليڪٽر جي دست اندازي ۽ مسلم ليگ اميدوار جي هر نموني مدد ڪرڻ جي باوجود سيد محمد علي شاهه اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو. ڪانگريس پارٽيِءَ سان ڪوئليشن ڪرڻ وقت سيد محمد علي شاهه جي. ايم. سيد وارن سان گڏ هو. ٿوري وقت کانپوءِ، سر غلام حسين جي وزارت کي اڪثريت نه هئڻ جي نتيجي ۾ گورنر مخالف پارٽيءَ جي وزارت ٺاهڻ جي موقعي ڏيڻ کانسواءِ اسيمبلي ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون. هنن چونڊن ۾ مسلم ليگ وزارت، انگريز گورنر جي کُليءَ طرفداريءَ سان سرڪاري عملدارن کي ڪتب آڻي، اڻ وڻندڙ طريقن سان شاهه صاحب ۽ سندس حمايتين کي شڪست ڏياري. چونڊن ۾ ڌانڌلين ۽ شڪست بعد سيد محمد علي شاهه دلڪشستو ٿي پيو ۽ پوءِ هن جي سياست ۾ ڪا دلچسپي نه رهي.
سنڌ جي اڪثر سياستدانن وانگر سيد محمد علي شاهه جي پاور پاليٽڪس ۾ دلچسپي ضرور هئي، پر منجھس وفاداري، همت، خوش خلقي، عام ماڻهن سان لاڳاپا رکڻ ۽ سندن ڪم ڪار ڪرڻ جون خاص لياقتون هيون.
سيد محمد علي شاهه، 8 فبروري 1948ع تي ڪراچيءَ ويندي هڪ جيپ جي حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو ۽ سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. سيد محمد علي شاهه کي هڪ فرزند سيد ظفر علي شاهه آهي، جيڪو ايل. ايل. بي آهي. سيد ظفر علي شاهه 1956ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو، پر ننڍي عمر هئڻ ڪري کيس ميمبريءَ مان خارج ڪيو ويو. 1958ع ۾ ايوب خان جي مارشل لاءِ کانپوءِ وري مغربي پاڪستان جي چونڊن ۾ سيد ظفر علي شاهه ميمبر چونڊجي آيو ۽ ڊپٽي اسپيڪر ٿي رهيو. ان کانپوءِ به ظفر علي شاهه پاڪستان ۽ سنڌ جي سياست ۾ سرگرم رهيو آهي. ڪافي عـرصـو پيپلز پارٽيءَ ۾ رهيو ۽ هن وقت مسلم ليگ (ن) ۾ آهي.


لفظ سيد محمد علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.02.08  عيسوي

سيد محمد علي شاهه، 1912ع ڌاري درٻيلي ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. 8 فبروري 1948ع تي ڪراچيءَ ويندي هڪ جيپ جي حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو ۽ سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

برهان فقير
پير عبدالحئي نقشبندي
استاد نبي بخش مڱڻهار
تيجومل
شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌي
پير محمد شاهه
سڪندر سومرو
سورٺ ٿيٻو
رشيد احمد انڍڙ ڪامريڊ
احمد محمد قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون